الطاف آگرو

الطاف آگرو

الطاف آگرو

الطاف آگرو: ادب دوست، سماجي ۽ ادبي ڪارڪن، الطاف آگري جو مڪمل نالو الطاف حسين ولد روشن ضمير آگرو آهي. هن 28 جنوري 1960ع تي ڳوٺ محمد خان آگري، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوابشاهه (نوشهري فيروز) ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، ڊپلوما آف ائسوسيئيٽ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪري هن وقت سول انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
الطاف آگرو، نامور ليکڪ ۽ اديب غلام رباني آگري جو سؤٽ آهي. ننڍپڻ کان وٺي سندس صحبت ۽ ادبي ماحول ۾ رهيو، ان ڪري هن ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڪيترائي مضمون ۽ ليک لکي چڪو آهي. سندس مضمون، ڪهاڻيون ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. خاص طرح ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۽ ’عبرت‘ اخبار ۾ سندس ڪالم ’ڳالهه آهي زماني جِي‘ جي سري هيٺ شايع ٿيندو رهيو آهي.
هن غلام رباني آگري جا هيٺيان ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا آهن. (1) آب حيات (ڪهاڻي- ڪليات)، 2011ع، (2) سنڌي ڪلچر، 2010ع، (3) هنگلاج ۾ چانهه (سفر نامو)، 2012ع ۽ (4) ٿيا قلب قرار (مضمون، مقالا، يادگيريون، ترجما، تقريرون ۽ خاڪا)، 2013ع. الطاف آگرو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ الطاف آگروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.01.28  عيسوي

ادب دوست، سماجي ۽ ادبي ڪارڪن، الطاف آگري جو مڪمل نالو الطاف حسين ولد روشن ضمير آگرو آهي. هن 28 جنوري 1960ع تي ڳوٺ محمد خان آگري، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوابشاهه (نوشهري فيروز) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿامس ايڇ ويلر
راهب فقير
ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر
پيتامبر سيوهاڻي
چنا زينت
سرتاج لڪياري
ٿامس ايڊيسن
رئيس بروهي
احمد سومرو ڊاڪٽر
راڄپر عبدالحڪيم سرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون